SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عالمي سياسي راند


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عالمي سياسي راند

Game Theory

گيم ٿيئري

هي حقيقت پسند، نظريي جو هڪ قسم آهي جيڪو عالمي سياست ۾ هڪ رياست جي رويي بابت بحث ڪري ٿو. پرڏيهي پاليسيءَ جو هيءُ اصطلاح فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٿيندڙ چٽا ڀيٽيءَ دوران فضيلت يا عقلمنديءَ جي تقاضائن کي واضح ڪري ٿو، بين الاقوامي تعلقات ۾ ٻه رياستون/ ڌريون هميشه فائدا وڌائڻ ۽ نقصان گهٽائڻ واري نيتيءَ تي عمل ڪندي اڻ پوري معلومات ۽ بي يقينيءَ واري صورتحال ۾ هر ڌر کي صلاحيتون وڌائڻ، امڪانن کي درست طريقي سان ماپڻ ۽ مقابلي ۾ آيل ڌر جي چالن کي ناڪاره بنائڻ تي زور ڏئي ٿي. ٻن ڌرين ۾ ٿيندڙ مقابلي دوران هڪ ڌر کي حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون ٻيءَ ڌر کي مليل اوترين ناڪامين جي بنياد تي ملن ٿيون ته ان کي ”پاڇي ٻڙيءَ راند“ (Zero Sum Game) واري اصطلاح سان نروار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ”ڦرندڙ حسابي راند“ ( Variable Sum Game) واري قسم مطابق ضروري ناهي ته ڪابه ڌر نقصان ڪري، بلڪ ٻنهي ڌرين کي فائدي جا امڪان آهن، اهڙي صورتحال کي ”هاڪاري راند“ ( Positive Sum Game) طور به سڏيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ چٽا ڀيٽيءَ جي ٻئي قسم ۾ ٻئي ڌريون نقصان کائي سگهن ٿيون. ان کان سواءِ Persons Game Numerous واري اصطلاح ۾ هڪ کان وڌيڪ ڌريون حصو وٺي سگهنديون آهن، هن نظريي عام طور تي هٿيار سازي ۽ سگهه جي برابري (Deterrence ) وارن رخن ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، پر ان کان علاوه انتشاري صورت ۾ ٻن رياستن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان به هن نظريي جو استعمال نظر آيو آهي، البت هن نظريي جو بنيادي محور ڪنهن به رياست طرفان ٻين رياستن جي تعاون بجاءِ اڪيلي سر ڪنهن به مهم/حاصلات لاءِ ڪيل اڳڀرائيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو، انهيءَ ڪري هن موضوع بابت ڳالهائيندي ”بين الاقوامي طاقتن“، ”علائقائي تعاون“ ۽ ”تڪرار جي حل“ جهڙن مامرن تي به ٽيڪاٽپڻي ڪئي وڃي ٿي، هن نظريي کي ناميارن عالمن ۽ محققن ”نيومن ۽ مارگينسترن“ ( Neuman and Oskar Morgenstern) پنهنجي ڪتاب The Theory of Games and Economic Behavior ۾ پهريون دفعو چٽائيءَ سان پيش ڪيو


Remember Me Also:

ٻلڙ گويو

ذ. وچ ويڙهائو ، ڇيڻي ڀور. چغلخور. ٻچاپڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal